راڻو هميرسنگهه

راڻو هميرسنگهه

راڻو هميرسنگهه

راڻو هميرسنگهه: نامور سياستدان ۽ ڍٽ جي ڇويهين راڻي هميرسنگهه جو تعلق عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ راڻا جاگير سان آهي. سندس والد راڻي چندرسنگهه جي وفات بعد کيس ڍٽ جو ڇويهون راڻو چونڊيو ويو. سندس تاج پوشيءَ جي رسم ٿر جي مشهور شهر مٺيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا. راڻو همير سنگهه 1993ع ۾ سنڌ سرڪار جو صوبائي صلاحڪار ۽ 1996ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. عمرڪوٽ ضلعي جو نائب ناظم ٿي رهيو. ٿر ۽ عمرڪوٽ جـا مـاڻهـو راڻي هـمـيـر سـنگهه وٽ پنهنجا مسئـلا کـڻي ايـندا آهن. همير سنگهه کي سنڌي، راجسٿاني، ڍاٽڪي، گجراتي، انگريزي ۽ اردو زبانن تي عبور حاصل آهي. هي اڪثر طور سياسي جلسن ۾ سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۾ تقريرون ڪندو آهي. راڻي همير سنگهه، ٿر ۽ عمرڪوٽ جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ سندن ڀلائي ۽ بهبوديءَ جا ڪيترا ڪم ڪيا آهن.


لفظ راڻو هميرسنگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو